ڪراچي ( رپورٽر)ڪراچي ۾ پهرين جنوري کان وٺي ڦرلٽ دوران فوتين جو انگ 3 ٿي ويو آهي.پوليس موجب مظفر اقبال کي ڪورنگي جنجالپورا ڳوٺ ۾ ڦر مزاحمت تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، ايس ايس پي ڪورنگي ڪامران خان چيو آهي ته صبح جي وقت 4 جوابدار ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته نوجوان مظفر اقبال فجر جي نماز ادا ڪري گهر وڃي رهيو ، هن وڌيڪ چيو ته نوجوان جي رڙين ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو.ايس ايس پي ڪورنگي جو به چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ ايس ايڇ او زمان ٽائون ۽ چوڪي جي انچارج کي معطل ڪيو ويو آهي.