حڪمرانن کي ملڪ جو احساس ناهي، صرف ڦرلٽ ۾ مصروف آهن:حافظ نعيم

لاهور ( بيورو+م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ويزن کان محروم حڪمران ٽولا رڳو ڦرلٽ ۾ مصروف  آهن، ملڪ جو نوجوان حڪومتي قدمن ۽ ڪجهه عنصرن جي پروپيگنڊا سبب مايوس ٿي رهيو آهي، وسيلن جو رخ عوام ڏانهن ڪيو وڃي ته پاڪستان ڪجهه سالن ۾ ترقي ڪري ويندو، رڳو آئي ٽي سيڪٽر تي توجهه ڏيڻ سان آءِ ٽي ايڪسپورٽ موجوده 3.2 بلين ڊالرن کان وڌي 10 ارب ڊالر ٿي ويندي پر حڪومت عوام کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي،  77 سالن کان ملڪ تي هڪ مافيا مڙهيل آهي، ڪجهه آءِ پي پيز مالڪن کي ڪيپيسٽي چارجز جي صورت ۾ ڏنا پيا وڃن ۽ ٽيڪسن مان سالياني 3 هزار ارب تائين جي ڇوٽ ڏني پئي وڃي، حڪمران اشرافيه کان وسيلا کسي عوام کي پنهنجو وارث بڻائي رهيا آهن، 17 جنوري تي مهانگي بجلي ۽ آءِ پي پيز خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.