اسلام آباد ( بيورو+م ڊ)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پهريون ڀيرو پارليامينٽ، عدليه ۽ فوج وچ ۾ ڪوآرڊينيشن آهي، ٽنهي ادارن کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته عدم استحڪام سبب ملڪ مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿو ۽ پاليسين جو تسلسل رڪجي ٿو. وفاقي وزير احسن اقبال سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ اڏام پاڪستان پروگرام جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام پاڪستان لاءِ گيم چينجر آهي جنهن ذريعي آءِ ٽي زرعي خدمتن سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ برآمد کي ٻيڻو ڪرڻ جو پروگرام آهي، هن بينڪن جي صدرن کي هدايت ڪئي ته هو آٽو ليزنگ جي طرز تي ليز ليپ ٽاپ اسڪيم متعارف ڪرائين جڏهن ته عالمي دنيا ۾ اسان جي ٻارن لاءِ اسڪالر شپ جو به بندوبست ڪيو وڃي،سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پهريون ڀيرو پارليامينٽ، عدليه ۽ فوج وچ ۾ هم آهنگي آهي ۽ ٽنهي ادارن کي سمجهه ۾ آيو آهي ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل ٽٽڻ سبب مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.