اسلام آباد( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي بحث نه ٿيڻ تي احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته مخالف ڌر سياست ڪري رهي آهي ۽ عوامي مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ايوان ۾ احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي.پي ٽي آءِ ميمبر يوسف خان ڪورم جي نشاندهي ڪرائي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي ميمبرن جي ڳڻپ ڪئي. ان دوران پي ٽي آءِ ميمبرن اعتراض واري نقطي تي بحث نه ٿيڻ تي احتجاج ڪيو ۽ سوالن جي وقفي دوران سخت نعريبازي ڪئي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق تحريڪ انصاف کي اعتراض اٿارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي پي ٽي آءِ ميمبرن سوالن جي وقفي دوران سخت نعريبازي ڪئي.ان تي رد عمل ڏيندي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هي احتجاج نامناسب آهي، اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته اسپيڪر صاحب انهن کي روڪيو، هي هڪ نامناسب احتجاج آهي، هنن فوٽوگرافي کاتي تي قبضو ڪيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ کين وڊيو گرافي کان روڪيو.بعد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي احتجاجي واڪ آئوٽ ڪيو،اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي ايوان جي ڪارروائي نه هلائيندس، اسيمبلي جي ضابطن موجب ايوان جي ڪارروائي هلائيندس، ايوان جي ڪارروائي تمام اهم آهي، ان ۾ عوامي مسئلن تي بحث ٿيڻ گهرجي