دفاعي ادارن ۽ سياستدانن ۾ طالبان جا حامي آهن،ڪي پي بارود جو ڍير بڻيل آهي:ايمل ولي

اسلام آباد(م ڊ)عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته اوهان ’اووو اووو‘ ڪري رهيا هئا، اها ڳالهه نه پر مذاق ٿي رهيو آهي.سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، ايوان نرسري لڳي رهيوهو.هن چيو ته اي اين پي عوام جي لاءِ وڙهندي پنهنجي جان ڏني، پختونن لاءِ وڙهي رهيو آهيان، دهشتگردي ۾ پختونن جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو ازالو ڪيو وڃي.ايمل ولي خان چيو ته نظرياتي طور تي دهشتگرديءَ جي خلاف وڙهڻو آهي ۽ هڪ ئي داستان ٺاهيو ويو آهي، پختونخواهه کي ڄاڻي واڻي بارود جو ڍير بڻايو ويو آهي، هن چيو ته پشاور ۾ سيڪيورٽي اجلاس ٿيو، ڇا ضياءُ الحق کي آمريڪي ڊالرن جي بدلي ۾ پختون زمين جو سودو ڪري، هنن افغانين کي ڀليڪار ڪيو، اسان ان جي مخالفت ڪئي.ايمل ولي خان چيو ته افغانين جي نالي تي ٽريننگ ڪيمپ ٺاهيا ويا ۽ مجاهدن کي تربيت ڏني وئي، اسان هڪ خونخوار  فورس ٺاهي، اسان طالبان جي حمايت ڪئي ۽ حڪمران کي چوڪ تي لٽڪايو ۽ افغانستان کي پنهنجو صوبو بڻايو.ايمل ولي خان چيو ته ميان نواز شريف طالبان کي پروموٽ ڪندو رهيو، پيپلز پارٽي جي گهرو وزير نصيرالله بابر چيو ته هي اسان جا ٻچا آهن، جيڪي پختونن جو رت چوسي رهيا هئا، مشرف آمريڪا کان ڊالر وٺي طالبان کي ڇا پروموٽ ڪيو. هن چيو ته دفاعي ادارن ۽ سياستدانن ۾ طالبان جا حامي موجود آهن، پي ٽي آءِ کليل نموني طالبان جي حمايت ڪئي، ن ليگ حڪومت اي پي ايس حملي کانپوءِ ملڪ کي نيشنل ايڪشن پلان ڏنو.هن چيو ته ايندڙ حڪومت نيشنل ايڪشن پلان جي مخالفت ڪئي. صدر، وزيراعظم، ڪابينا، هڪ جنرل، ڊي جي آءِ ايس آءِ 40 هزار دهشتگردن کي واپس آڻي کين آباد ڪيو.ايمل ولي جو اهو به چوڻ هو ته شهباز شريف چيو ته طالبان پنجاب تي حملا نه ڪن، سندن غلطين اسان جي قوم کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، سچائي ۽ مصالحتي ڪميشن هجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.