بئريسٽر گوهر پاران آرمي چيف سان ملاقات جي ترديد

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوھر چيو آھي تھ حڪومت سان ڳالھين جي ٽئين سيشن ۾  اسان پنھنجا مطالبا   تحريري طور تي جمع ڪرائينداسين.  اسان پنھنجي 12 شھيدن ۽ 49 زخمين جوذڪر ڪيو ھيو زخمين مان وڌيڪ 2 ڄڻا  فوت ٿي چڪا آھن انھن جي ڊيٽا بھ عدالت ۾ جمع ڪرائڻي آهي، ھن وڌيڪ چيو تھ حڪومت اگر نيڪ نيت ۽ سنجيدگي ڏيکاري تھ مسئلن جو حل نڪري ايندو ٻئي پاسي بئريسٽر گوهر آرمي چيف سان ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي ٻئي پاسي گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بئريسٽر گوهر ڪوڙ پيو ڳالهائي،سياسي اڳواڻن جي موجودگي ۾ آرمي چيف سان بئريسٽر گوهر ملاقات ڪئي هئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.