بلاول کي ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جو دعوت نامو وصول ٿيو آهي.
ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا روانو ٿيندو، هو واشنگٽن ۾ ٽرمپ جي حلف برداري سميت ٻين تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ذاتي حيثيت ۾ دعوت ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب 20 جنوري تي ٿيندي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان مملڪتي سربراهه ۽ ٻيا نمائندا شرڪت ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.