اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سڀاڻي کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
16 جنوري کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 3.53 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.66 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.
پي او ايل جي اگهن ۾ امڪاني واڌ جو سبب چين ۽ ڀارت کي تيل جي برآمدن تي آمريڪي پابندين سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ واڌ قرار ڏنو پيو وڃي.
آمريڪي پابندي کي ڏسندي ڪچي تيل جي قيمت 81 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي، جيڪا آگسٽ 2024 کان سڀ کان وڌيڪ آهي.
صنعتي ۽ سرڪاري ذريعن موجب گاسليٽ 4.98 رپيا في ليٽر ۽ لائٽ ڊيزل آئل ۾ 6.20 رپيا في ليٽر واڌ تي ڪم ڪيو ويو آهي پر حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت ڪندي.
You might also like