اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنز تي بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بجلي سان هلندڙ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ چارجنگ اسٽيشنز لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاور ڊويزن اختيارين ۽ توانائي بابت وفاقي وزير بريفنگ ڏني.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ماحولياتي بهتري لاءِ اليڪٽرڪ گاڏين جو استعمال وڌائڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ چارجنگ اسٽيشينز کي بجلي 70 رپيا يونٽ مان گهٽ ڪري 40 رپيا ڏينداسين،
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهڙيون مراعتون ڏنيون پيون وڃن.
توانائي واري وزير اويس لغاري اجلاس ۾ ٻڌايو ته چارجنگ اسٽيشينز لاءِ 39 رپين 70 پيسن جو ٽيرف نيپرا جي منظوري کانپوءِ لاڳو ٿيندو.
هن ٻڌايو ته چارجنگ اسٽيشينز جي قيام جو طريقيڪار آسان ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي 15 ڏينهن ۾ اين او سي ملندو، نوجوان ننڍي سيڙپڪاري سان پنهنجو ڪم شروع ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.