معاشي چئلينجن سان ڀرپور دور ۾ پنهنجي زمين ۽ پنهنجو گهر خريدڻ به رئيس هجڻ جي علامت سمجهيو ويندو آهي، جنهن جو هڪ عام ماڻهو رڳو خواب ئي ڏسي سگهي ٿو.
پر دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي امير ترين ماڻهو موجود آهن، جن وڏي ايراضي تي پکڙيل ٻيٽ به خريد ڪيا آهن.
انهن ماڻهن ۾ ڪرسٽيانو رونالدو جهڙي مقبول ترين ايٿليٽ کانسواءِ شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ شخصيتون به شامل آهن.
پر ڇا توهان بالي ووڊ جي ان واحد اداڪارا جي نالي کان واقف آهيو، جيڪا پنهنجي ٻيٽ جي مالڪياڻي آهي؟
اهو اعزاز سريلنڪا ڄائي بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنانڊس وٽ آهي، جيڪا 15 سالن کان بالي ووڊ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي.
2012 ۾ جيڪولين پنهنجي اباڻي ملڪ سريلنڪا جي سمنڊ تي هڪ ذاتي ٻيٽ خريديو هو ۽ اتي هڪ شاندار ولا ٺاهڻ جو منصوبو ٺاهي رهي هئي.
پر ان ڳالهه جي اڃا تائين تصديق ناهي ٿي سگهي ته جيڪولين ان ٻيٽ کي پنهنجي ذاتي رهائشگاهه طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿي يا واپاري مقصدن لاءِ ان کي ليز تي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي.
You might also like