اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نون ليگ اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته 22 ڏينهن گذرڻ باوجود پي ٽي آءِ لکت ۾ مطالبا پيش ناهن ڪيا ته ان ۾ اسان جو ڏوهه ناهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته 23 ڊسمبر تي لکت ۾ مطالبا ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر اڄ 22 ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اڃا تائين مطالبا پيش ناهن ڪيا ويا.
هن چيو ته 5 ڊسمبر تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي، جيڪڏهن هو اڃا تائين مطالبن کي تحريري صورت ناهن ڏئي سگهيا ته ان ۾ اسان جو ڪو ڏوهه ناهي، ٻه مطالبا اسپيڪر کي ڏيڻا هئا جيڪي ناهن ڏنا ويا.
سينيٽر عرفان صديقي چيو ته جڏهن نڪتا اسان جي سامهون ايندا تي ست اتحادي پارٽين سان مشاورت ڪئي ويندي، سڀ پارٽيون پوءِ پنهنجي قيادت سان مطالبن تي صلاح مشورو ڪنديون، اسان کي مطالبا سامهون اچڻ کانپوءِگڏيل موقف اختيار ڪرڻو آهي.
هن چيو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ ڏينهن خط اچي ۽ ان ئي ڏينهن جواب ڏنو وڃي، انتهائي اهم مطالبا هوندا ته ان تي اسان مشاورت ڪئي ويندي، سنجيدگيءَ سان ويچارڻ لاءِ وقت گهربل هوندو.
نون ليگ اڳواڻ چيو ته 31 جنوري جي تلوار ٽنگي وئي آهي، ان کان اڳ اسان کين جواب ڏئي ڇڏينداسين.
Next Post
You might also like