آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو نئون پرومو جاري ڪري ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جو نئون پرومو جاري ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفامن جاري ڪيل پروموشنل وڊيو ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري فاسٽ بالر وسيم اڪرم کي ڏيکاريو ويو آهي.
وڊيو ۾ سوئنگ جو سلطان وسيم اڪرم چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح رانديگرن کي ملندڙ اڇي جيڪٽ جي واکاڻ ۽ اهميت بيان ڪري رهيو آهي.
پرومو ۾ وسيم اڪرم اڇي جيڪٽ کي فخر جوڳو قرار ڏيندي دنيا جي سڀني ڪرڪيٽ پرستارن کي چيمپيئنز جي سفر جو حصو بڻجڻ جي دعوت پڻ ڏني.
واضح رهي ته مني ورلڊڪپ جي نالي سان مشهور آءِ سي سي مينز چيمپيئنز ٽرافي 8 ورهين کانپوءِ ٿي رهي آهي، 2017ع ٿيل آخري ايڊيشن ۾ پاڪستان سرفراز احمد جي قيادت ۾ ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي هئي.
ان کان اڳ چيمپئنز ٽرافي جي براڊڪاسٽرز طرفان پڻ هڪ پرومو جاري ڪيو ويو هو، اسٽار اسپورٽس پاران يوٽيوب چينل تي جاري ڪيل پرومو ۾ ڀارت جي موجودا ۽ اڳوڻي ڪپتان (روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي) سان وڊيو جي شروعات ڪئي وئي.
چيمپيئنز ٽرافي جي پرومو ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڊي ڪاڪ ۽ ريزا هينٽرڪس، آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنس، ڊيوڊ وارنر، انگلينڊ جي جوفرا آرچر، پاڪستان جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ ڀارتي بالر جسپريت بمرا سميت ٻين رانديگرن کي ڏيکاريو ويو آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جون ميچون 19 فيبروري کان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏيون وينديون
ٽورنامينٽ 8 ٽيمون شامل آهن، ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ 19 فيبروري تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.