ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڊبل ڊيڪر بسون ۽ اليڪٽرڪ ٽيڪسيون هلائڻ جو اعلان ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته يونيورسٽي روڊ تي ماڻهو پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، ايمانداري سان ٻڌائي رهيو آهيان ته دير جا حقيقي ڪارڻ آهن، منصوبو 2 سالن اندر مڪمل ڪري وٺنداسين.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت وڏي پيماني تي ماس ٽرانزٽ منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو، صدر آصف زرداري ۽ وڏي وزيرٰ مراد علي شاهه جي واضح هدايتن موجب ٽرانسپورٽ کاتي کي بهتر بڻائڻو آهي، اورنج لائين بي آر ٽي تيار ٿي چڪي آهي ۽ هلي رهي آهي، ريڊ لائين بي آر ٽي هڪ مسئلو آهي جنهن جا ڪيترا حقيقي ٽيڪنيڪل سبب آهن.
هن تسليم ڪيو ته يونيورسٽي روڊ تي ماڻهو پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ چيو ته ايمانداري سان ٻڌائي رهيو آهيان ته دير جا حقيقي سبب موجود آهن، ان باوجود اسان جي ڪوشش آهي ته هن منصوبي کي 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو وڃي ۽ ماڻهو ان مان لاڀ حاصل ڪن.
شرجيل ميمڻ چيو ته ييلو لائين بي آر ٽي تي تيزي سان ڪم جاري آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ان ۾ ڪا به دير نه ٿئي، ڄام صادق پل هن سال ڊسمبر ۾ مڪمل ٿيڻي آهي پر اسان جي ڪوشش آهي ته اِها 6 کان 7 مهينا اڳ اپريل ۾ مڪمل ٿي وڃي.
سينيئر وزير چيو ته پيپلز بس سروس ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ۾ هلي رهي آهي، پاڪستان جي پهرين عورتن لاءِ پنڪ بس سروس هلائڻ جو ڪريڊٽ پڻ سنڌ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو، دبئي، آمريڪا، برطانيه سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙي سروس موجود ناهي.
هن چيو ته پاڪستان جي پهرين ماحول دوست اليڪٽرڪ بس سروس پڻ پيپلزپارٽي جي حڪومت شروع ڪئي آهي.
شرجيل ميمڻ اعلان ڪيو ته هن سال ئي ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلائڻ جو ارادو آهي جنهن سان وڌيڪ مسافر فائدو ماڻي سگهندا، جڏهن ته ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ ٽيڪسيون پڻ هلائڻ جو ارادو آهي.
هن چيو ته ماحولياتي گدلاڻ ڪو ننڍو ڪم ناهي، هي تمام وڏو چئلينج آهي جنهن تي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي.
You might also like