عزير بلوچ پوليس اهلڪار سميت ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس مان آجو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت لياري گينگ وار جي مک جوابدار عزير بلوچ کي پوليس اهلڪار سميت ٽن چڻن جي قتل ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي ايڊيشنل اينڊ ڊسٽرڪٽ عدالت 2009ع ۾ پوليس اهلڪار سميت ٽن ڄڻن جي قتل خلاف چاڪيواڙا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس مان لياري گينگ وار جي مُک جوابدار عزيز بلوچ کي بري ڪري ڇڏيو.
صفائي واري وڪيل موجب، عزير بلوچ کي گرفتار جوابدارن جي بيان جي روشني ۾ ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هو، گرفتار ٻيا جوابدار پهريان ئي ڪيس مان بري ٿي چڪا آهن.
واضح رهي ته عزير بلوچ هينئر تائين ٻن درجن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ ثبوت نه هئڻ جي بنياد بري ٿي چڪوآهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.