ڪا به ڊيل نه، صرف ڳالهيون ٿينديون: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ڪا به ڊيل نه رڳو ڳالهيون ٿينديون.
جڊيشل ڪمپليڪس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته ڪڏهن ڪڏهن فيصلو ٻڌائڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي.
هن چيو ته عدالتي عملي ٻڌايو هو ته صبح يارهين وڳي فيصلو ٻڌايو ويندو، جج صاحب ٿورو انتظار ڪري ها ته فيصلو ٻڌايو وڃي ها.
سندس چوڻ هوته هاڻي جيڪو فيصلو ٿيڻو آهي 17 جنوري تي ٿيندو، هنن کي اعليٰ عدليا مان انصاف جي اميد آهي، فيصلي جو ڳالهين سان ڪو واسطو نه هئڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته خان صاحب( عمران خان ) واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ڪا به ڊيل ناهي ٿيڻي، ڳالهيون ٿينديون، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ گهرجن، اِهو ملڪ لاءِ بهتر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.