اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ سبب ملڪي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ملڪ ۾پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 3 رپيا 53 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 66 پئسا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن بعد في ليٽر پيٽرول جي نئين قيمت 256.19 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 262 رپيا ٿي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي اگهه ۾ 4 رپيا 98 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت 6 رپيا 20 پئسا واڌ جي تجويز آهي.
وزيراعظم جي منظوريءَ کانپوءِ پيٽروليم شين جا نوان اگهه 16 جنوري کان لاڳو هوندا جيڪي ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن عالمي مارڪيٽ ۾ لنڊن برينٽ آئل جي قيمت 8 ڏهائي 50 سيڪڙو تائين وڌي چڪي آهي، جنهن کانپوءِ في بيرل قيمت 80.50 ڊالر تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
You might also like