نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر يوراج سنگهه جي پيءُ يوگراج سنگهه ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته هو هڪ دفعي اڳوڻي ڪپتان ڪپل ديو کي مارڻ لاءِ سندس گهر پستول کڻي ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، يوگراج سنگهه پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڀارتي ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ کانپوءِ هوءَ تڏوهڪي ڪپتان ڪپل دَيو کي مارڻ جي نيت سان سندس گهر ويوهو .
يوگراج موجب، جڏهن ڪپل ديو ڀارت، نارٿ زون ۽ هرياڻا جو ڪپتان بڻيو ته هن بنا ڪنهن سبب جي کيس ڊراپ ڪري ڇڏيو، گهرواري چاهي پئي ته ان معاملي تي ڪپل سان ڳالهايان پر مان کيس چيو ته هاڻي ڪپل کي ان جي سزا ڀوڳڻي پوندي.
هن چيو ته مان پنهنجو پستول ڪڍيو ۽ سيڪٽر نائين ۾ ڪپل ديو جي گهر ويس، جيئن ئي مان اتي پهتس هو پنهنجي ماءُ سان گڏ گهر کان ٻاهر آيو.
يوگراج سنگهه ٻڌايو ته ” مان ڪپل کي گاريون ڏيندي چيو ته تنهنجي ڪري مان هڪ دوست وڃايو ۽ تون جيڪو ڪيو توکي ان جي سزا ڀوڳڻي پوندي، مان توکي مٿي ۾ گولي هڻڻ چاهيان ٿو پر ائين نه ڪندس ڇو ته تنهنجي ماءُ انتهائي نيڪ آهي جيڪا توسان گڏ بيٺي آهي ۽ پوءِ مان اتان واپس موٽي ويس.“
يوگراج انڪشاف ڪيو ته ڪپل ديو ۽ بشن سنگهه بيدي جي سياست جي ڪري ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ هن ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
هن ٻڌايو ته ڪرڪيٽ ڇڏڻ کانپوءِ هن پهه ڪري ورتو ته سندس پٽ يوراج سنگهه کيڏندو ۽ ڀارت کي عالمي چيمپيئن بڻائيندو ۽ هن ائين ڪري ڏيکاريو.
يوگراج ٻڌايو ته 2011ع ۾ جڏهن ڀارتي ٽيم ورلڊ چيمپيئن بڻي ته هن ڪپل ديو ڏانهن هڪ اخبار اُماڻي ته يوراج عالمي ڪپ ۾ توکان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
هن ٻڌايو ته ان کانپوءِ ڪپل ديو هڪ واٽس ايپ پيغام ذريعي کائنس معافي پڻ گهري هئي ۽ لکيو هو ته اسان ٻئي جنم ۾ هڪ ماءُ جي ڪُک مان جنم وٺنداسين.
يوگراج سنگهه 81-1980ع ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري دوران هڪ ٽيسٽ ڇهن ون ڊي ميچن ۾ ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.
هو ماضيءَ ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ايم ايس ڌوني تي به پٽ يوراج جو ڪيريئر تباهه ڪرڻ جهڙا سنگين الزام پڻ مڙهي چڪو آهي.