ممبئي( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جو چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ عالمي ڪرڪٽ تان رٽائرمينٽ جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، روهت شرما پنهنجي گهڻ گهرن سان مشاورت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ انگلينڊ خلاف ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي سيريز ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو.
ياد رهي ته گذريل سال ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽڻ بعد روهت مختصر فارميٽ کي الوداع چئي چڪو آهي.
مسلسل خراب فارم سبب روهت شرما آسٽريليا خلاف بارڊر – گواسڪر ٽرافي جي آخري ٽيسٽ ميچ پڻ نه کيڏي هئي، سندس غير موجودگيءَ ۾ جسپريت بمرا کي قيادت جي ذميواري سونپي وئي هئي.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافيءَ جا مقابلا 19 فيبروري کان نوَ مارچ تائين پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ جاري رهندا.
You might also like