ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار ڪترينا ڪيف مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ڀاڻيجي عمران خان کي 20 چماٽون هڻڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويو دوران ڪترينا ڪيف فلم’ميري برادر ڪي دلهن‘جي سيٽ تي هڪ پيش آيل يادگار واقعي جو ذڪر ڪيو.
ڪترينا ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ دوران هڪ خاص سين ۾ عمران کي چماٽ هڻڻي هئي، شروع ۾ هوءِ مايوس ٿي وئي ته پنهنجي ڪردار ۽ سين سان انصاف ناهي ڪري رهي، جنهن تي عمران صلاح ڏني ته منظر کي حقيقي بڻائڻ لاءِ کيس اصلي چماٽ هڻان.
اداڪار انڪشاف ڪيو ته ان منظر لاءِ ڪيترائي رِي ٽيڪ ٿيا ۽ نيٺ هن عمران کي اٽڪل 15 يا 16 چماٽون هنيون، عمران ليلائڻ لڳو ته هاڻي وڌيڪ برداشت نٿو ٿئي، پر تيستائين فلم لاءِ بهترين ۽ يادگار منظر شوٽ ٿي چڪو هو.
ياد رهي ته رومانوي ڪاميڊي فلم’ميري برادر ڪي دلهن‘2011 ۾ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ عمران خان، ڪترينا ڪيف ۽ علي ظفر مُک ڪردار ادا ڪيو هو.
You might also like