سنڌوءَ تي ڪئنال قبول نه ڪنداسين:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نئون سال 2025 سنڌ حڪومت جي ترقي ۽ خوشخبريءَ جو سال آهي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران افتتاح کان پوءِ شاهراهه ڀٽو جو پهريون مرحلو عوام لاءِ کوليو ويو آهي. يلو لائن بي آر ٽي تي به ڪم جاري آهي سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ڪراچي جي شهرين لاءِ هن سال ڊبل ڊيڪر بسون به آڻي رهي آهي. نوجوانن لاءِ اي وي ٽيڪسي سروس پڻ شروع ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف ڪمپنين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. آءِ ايم ايف جي شرط سبب في الحال وڌيڪ صنعتي زون نه ٺهي سگهندا. ملڪ ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ۽ ڪاروباري حضرات لاءِ ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون بهترين موقعو آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت واضح ڪري چڪي آهي ته سنڌوءَ  تي اهڙي قسم جي ڪئنالن کي قبول نه ڪيو ويندو. عمران خان تي ڳالهائيندي هن چيو ته سندس خلاف ڪيس غلط نه آهن، هن گهڙي ورتي ۽ وڪڻي ڪوڙو بيان ڏنو. جڏهن کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته پوليس تي پيٽرول بم سان حملو ڪيو ويو. سرڪار واضح ڪيس به اڃا داخل نه ڪيا آهن. پيپلز پارٽي ڳالهين جي حق ۾ آهي پر اهو مطلب ناهي ته 9 مئي جهڙن ڏوهن کان ڇوٽڪارو ملي سگهي. حڪومت يا نواز ليگ اپوزيشن سان ڳالهائيندي ته ان کي ساراهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.