جپان ۾ زلزلي جا شديد لوڏا، سونامي جي وارننگ جاري

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جپان جي اولهندي علائقي ڪويوشو ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، زلزلي جي شدت 6.9 رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ زمين اندر ان جي اونهائي 37 ڪلوميٽر هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، زلزلي جي نتيجي ۾ امڪاني سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جپان جي ڏاکڻي علائقن ۾ موجود ائٽمي بجلي گهرن ۾ هن وقت تائين صورتحال معمول موجب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.