راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي ڪچي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 27 دهشتگردي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن تي اثرائتي ڪارروائي ڪئي، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 27 دهشتگردي ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن جا ٿاڪ، هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ تباهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد انتهائي گهربل ۽ فورسز ۽ شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي.
You might also like