ملتان (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم مئنيجمينٽ ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ پِچن بابت حڪمت عملي تيار ڪري ورتي.
ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽيسٽ ميچن لاءِ پِچ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
گرائونڊ مين ٻنهي ٽيسٽ ميچن لاءِ اسپنرز لاءِ سازگار پِچ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هيڊ ڪيوريئٽر ٽوني هيمنگ پِچ خشڪ رکڻ لاءِ نئون ولان ترتيب ڏنو آهي.
هيڊ ڪيوريئٽر ٽوني هيمنگ گرين هائوس جو آئيڊيا پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو آهي، پِچ کي مڪمل طور تي ڪورر سان ڍڪيو ويو آهي، ڪوَرز جي ٻنهي پاسي اندروني حصي ۾ هيٽرز لڳايا ويا آهن.
گرمائش قائم رڪڻ ۽ ضائع نه ٿيڻ لاءِ گرين هائوس جو خيال استعمال ڪيو ويو آهي،جنهن جو مقصد ملتان ۾ ڪوهيڙي سبب موجود گهم کي ختم ڪرڻ آهي.
ياد رهي ته گريگ بريٿويٽ جي قيادت ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي، ملتان ۾ پهرين ٽيسٽ 17 ۽ ٻي ٽيسٽ 25 جنوري کان شروع ٿيندي.
Next Post
You might also like