ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان سگريٽ ڇِڪڻ واري فعل مان جند ڇڏائي ڇڏي، هن اهو اعلان پنهنجي پٽ جنيد خان جي فلم ” لووياپا“ جي ٽريلر لانچ جي موقعي تي ڪيو.
عامر خان چيو، ”مان سگريٽ نوشي ڇِڪڻ ڇڏي ڏنو آهي، اِها عادت منهنجي لاءِ خوشيءَ جو سبب هئي، پر صحت لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ ڪنهن کي به اِها عادت نه اپنائڻ گهرجي.“
هن مداحن کي به سگريٽ ڇِڪڻ واري فعل کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني.
هن وڌيڪ چيو”منهنجي پٽ جي فلم اچي رهي آهي ۽ مون سوچيو ته هي بهترين وقت آهي ان عادت کي ڇڏڻ جو، هي منهنجي پٽ لاءِ هڪ قرباني آهي ۽ مون پاڻ سان واعدو ڪيو آهي ته هاڻي سگريٽ نه پيئندس.“
عامر خان پنهنجي پروفيشنل زندگي بابت ڳالهائيندي چيو ته هو پنهنجي بچيل ڏهن سالن کي وڌيڪ پيداواري بڻائڻ چاهي ٿو.
هن چيو ”مان 59 سالن جو آهيان ۽ 70 سالن جي عمر تائين ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو، ان دوران نئين ٽيلينٽ جي حمايت، مدد ۽ معياري فلمن تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو.“
You might also like