اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته مسنگ پرسنز واري معاملي کيس ٿوڏي ڇڏيو آهي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئيشن جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن دوران صحافين کي عدالتي ڪارروائي ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ ٻين مختلف معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان موقعي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو هر جج آزاد آهي، ججز کي بريڪٽ نه ڪرڻ کپي، ججز تي تنقيد ٿيڻ گهرجي پر تعميري تنقيد هئڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سڌارن بابت ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، هاءِ ڪورٽ جي اختيار جو تمام گهڻو احترام آهي، ضلعي عدالت هاءِ ڪورٽ جي ماتحت آهي، سڌو سنئون هاءِ ڪورٽ جي اختيار يا ماتحت عدليه ۾ مداخلت نه ٿيندي، سپريم ڪورٽ جي رخ کي تبديل ڪري انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
هن چيو ته هو جڏهن ڪوئٽا ويو ته 5 ڀيرا ايسوسيئيشنز پاران مسنگ پرسنز بابت شڪايتون پيش ڪيون ويون، مسنگ پرسنز واري مسئلي کيس ٿوڏي ڇڏيو، گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ورتا ويندا، بلوچ ۽ سنڌين جو به خيال رکڻ گهرجي، سنڌي ۽ بلوچ ججز کي قبول ڪرڻ گهرجي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جو چوڻ هو ته سندس ويزن اهو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس فائل ٿيڻ تي سائل جو اي ميل ايڊريس ۽ واٽس ايپ نمبر حاصل ڪيو وڃي، سائل جو واٽس ايپ ۽ اي ميل ايڊريس حاصل ڪرڻ سان ڪيس جي فائلنگ کان فيصلي تائين سڀئي آرڊر ملندا رهندا.
هن وڌيڪ چيو ته ارجنٽ درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ پڻ هڪ ميڪانيزم جوڙي رهيا آهيون، اسان جي ججن 8 هزار ڪيس مختصر وقت ۾ حل ڪيا آهن، ڪيس مينيجمينٽ کي بهتر بڻائڻ سان انصاف جي فراهمي ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ چونڊن جي عذر داريون ٻڌڻ لاءِ اسپيشل بينچز ٺاهي ويا آهن، فوجداري ۽ ٽيڪس جا مقدما ٻڌڻ لاءِ پڻ اسپيشل بينچز ڪم ڪندا.
هن چيو ته مستحق سائلن کي ضلعي عدالت ۾ مفت وڪيل جي سهولت ڏني ويندي، جيلن جي دوري دوران قيدي سالن کان ڪيسن بابت فيصلا نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، قيدين جي ان شڪايت تي تمام شرمسار ٿيس.
هن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ روزانو پراڻن ٻن کان ٽن ڪيسن کي اسپيشل بينچز ۾ ٻڌڻ لاءِ رکيو ويندو، سپريم جڊيشل ڪائونسل کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ججز جي خلاف شڪايتن تي ڪارروائي جاري آهي.
چيف جسٽس چيو ته اي ڊي آر تي جسٽس منصور علي شاهه تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، کيس اي ڊي آر تي ڪم ڪرڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو، اي ڊي آر جو نظام اسلام آباد کان شروع ڪيو ويندو، اي ڊي آر جو نظام اسلام آباد کانپوءِ ٻين ضلعن تائين پهچايو ويندو.
هن چيو ته اسان سڀ ججز پاڻ ۾ ڀائر آهيون، وقت سان گڏ شيون ٺيڪ ٿينديون، هو پنهنجي راءِ ڪنهن دوست يا ساٿي تي مڙهڻ ناهي چاهيندو، سندس راءِ آهي ته گڏيل دانش سان اڳتي وڌڻ گهرجي، عدليه لاءِ گذريل ٽي چار سال ڏاڍا سخت هئا.
جسٽس يحيٰ آفريدي جو چوڻ هو ته اُهو وقت گذري ويو جڏهن ججز هڪ ٻئي خلاف موقف رکندا هئا، ججز ڪنهن الزام تي جواب نٿا ڏئي سگهن.
مسنگ پرسنز واري مسئلي ٿوڏي ڇڏيو آهي، سنڌين ۽ بلوچن جو خيال رکڻ گهرجي: چيف جسٽس
Prev Post
Next Post
You might also like