چيمپيئنز ٽرافي لاءِ باووما جي قيادت ۾ مضبوط ڏکڻ آفريڪي اسڪواڊ جو اعلان

ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ فاسٽ بالر اينرڪ نورٽجي ۽ لونگي نگيڊي جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
ڏکڻ آفريڪا جي پندرنهن رڪني اسڪواڊ جي قيادت ٽمبا باووما ڪندو، جنهن ڏهه رانديگر اُهي آهن جيڪي 2023 واري عالمي ڪپ جي سيمي فائنل تائين پهچندڙ ٽيم جو حصو هئا.
نوَن رانديگرن ۾ ويان ملڊر، ٽوني ڊي زورزي، ۽ ريان ريڪلٽن پهريون ڀيرو آءِ سي سي ايونٽ ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته اينرڪ نورٽجي جي ميگا ايونٽ لاءِ اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي جڏهن فاسٽ بالر جيرالڊ ڪوئٽزي کي هن ڀيري آفريڪي اسڪواڊ لاءِ ضروري ناهي سمجهيو ويو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اعلانيل 15 رڪني ۾ ٽمبا باووما ڪپتان، ايڊن مارڪرم، ٽوني ڊي زورزي، ريان ريڪلٽن، هينرڪ ڪلاسِن، ٽرسٽن اسٽوبس، رزي وين ڊر ڊوسن، ڊيوڊ مِلر، ويان ملڊر، ڪيشو مهاراج، تبريز شمسي، لونگي نگيڊي، مارڪو جنيسن، ڪاگِيسو رباڊا، اينرڪ نورٽجي شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.