ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمرانخان هوريان هوريان پنهنجي مطالبن تان پٺتي هٽندو ۽ رليف وٺڻ جي ڪوشش ڪندو.
جاري ڪيل بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني جا مطالبا ڪنهن به صورت ۾ نه مڃيا ويندا، عمران خان جيڪي پهريان مطالبا ڪيا هئا هاڻي هو انهن تان به پوئتي هٽي ويندو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جو جيڪو گذريل سال دٻاءُ هو، اهو نئين سال ۾ نظر نه اچي رهيو آهي.
پ پ اڳواڻ منظور وساڻ اِهو به چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ پارٽي جي پوزيشن گهٽ ٿيندي نظر اچي پئي، جيڪڏهن باني جي حق ۾ ٽرمپ ڪجهه چيو ته هو به کيس ابسوليوٽلي ناٽ چوندا.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي عالمي حالتون بدلجي چڪيون آهن ڪوبه ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندو، هو پي ٽي آءِ کي مختلف گروپن ۾ ورهائجندي ڏسي رهيو آهي.
You might also like