اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف پارٽي اڳواڻ ۽ ايم اين اي شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
شير افضل مروت کي پارٽي جي نظم ۽ ضبط جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽس جاري ڪيو ويو.
شوڪاز نوٽس ۾ چيو ويو آهي ته شير افضل مروت کي قومي اسيمبلي ۽ ڪور ڪميٽي جي ميمبر طور تي ڳالهين واري عمل جي مڪمل ڄاڻ آهي،کيس ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شامل ڪنهن به ميمبر جي خلاف بيان ڏيڻ جي اجازت ناهي.
نوٽيس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته شير افضل مروت حڪومت سان جاري ڳالهين بابت سخت تبصرا ڪيا آهن ۽ اهڙا بيان ڏئي پارٽي جي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي سامهون شير افضل مروت جو معاملو اُٿاريو ويو، جنهن تي هن شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
شوڪاز نوٽس ۾ چيو ويو آهي ته شير افضل مروت نتيجن جي پرواهه ڪرڻ بنا بيان ڏنا ۽ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پارٽي کي نقصان پهچايو هي شوڪاز هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي جاري ڪيو پيو وڃي.
نوٽيس ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته 7 ڏينهن اندر شوڪاز جو جواب ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ پاليسي موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شير افضل مروت، پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا تي تنقيد ڪندي چيو هو ته هو ان معاملي کي عمران خان جي آڏو اُٿاريندو..
You might also like