ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 8 نوان ترجمان ۽ 12 نوان خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيا، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نادر نبيل گبول، سُک دَيو، بلند خان جوڻيجو، سميتا افضل، تحسين عابدي، هير سوهو، سيده اقربه فاطمه ۽ مصطفيٰ عبدالله بلوچ کي حڪومتي ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، وڏي وزير، پير افضل شاهه، لياقت آسڪاڻي، تنزيلا امه حبيبه، امير حمزه ۽ محمد رضا هارون کي خاص مددگار مقرر ڪيو.
ان کانسواءِ خير محمد شيخ، ڪلثوم چانڊيو، امان الله مسعود، محمد علي رشيد، محمد علي ڀٽو، حسين اسلم ۽ ويرجي ڪولهي پڻ خاص مددگارن ۾ شامل آهن.
ٻارنهن نوان مددگار مقرر ڪرڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت ۾ خاص مددگار جو انگ 18 ٿي ويو آهي.
You might also like