پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ٽيون ڀيرو ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٽيون ڀيرو ملتوي ڪيو ويو آهي.
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا کي تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ جو فيصلو اڊيالا جيل ۾ ٻڌائڻو هو.
جج ناصر جاويد راڻا جو چوڻ آهي ته هو صبح ساڍي اٺين وڳي عدالت ۾ موجود هو، پي ٽي آءِ باني کي ٻه ڀيرا پيغام به اماڻيو پر هو نه آيو.
جج چيو ته بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل به عدالت ۾ پيش نه ٿيا، پي ٽي آءِ باني طرفان چيو ويو ته جيستائين سندس خاندان يا وڪيلن مان ڪو نه ايندو هو عدالت جي ڪمري ۾ نه ايندو.
جج ناصر جاويد راڻا چيو ته هو ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪندو رهيو پر ڪو به نه آيو، فيصلو ٻڌائڻ لاءِ جوابدارن کي هڪ ٻيو موقعو ڏئي رهيا آهن، هاڻي ڪيس جو فيصلو 17 جنوري تي ٻڌايو ويندو.
ياد رهي ته احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 18 ڊسمبر 2024ع تي محفوظ ڪيو هو.
عدالت فيصلو ٻڌائڻ لاءِ پهريان 23 ڊسمبر ۽ بعد ۾ 6 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ فيصلو ٻڌائڻ جي ٽئين تاريخ 13 جنوري ڏني هئي.
عدالت 6 جنوري 2024ع تي ڇهن جوابدارن کي اشتهار قرار ڏنو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي 27 فيبروري 2024ع تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
نيب ٽرائل دوران 35 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرايا، تحريڪ انصاف باني جي وڪيلن شاهدن کان آڏي پڇا ڪئي.
ريفرنس ۾ اهم شاهدن اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان، اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ زبيده جلال شاهدي ڏيندڙن ۾ شامل هئي، جڏهن ته ريفرنس جي ٻڌڻي دوران 3 جج تبديلي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.