190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان سزا کان نٿو بچي سگهي: فيصل واوڊا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان سزا کان نٿو بچي سگهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته عمران خان خلاف سازشن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ملوث آهن ۽ پاڻ باني کي جيل ۾ رکڻ چاهين ٿا، پروپيگنڊا ڪئي وئي ته عمران خان سان بيڪ ڊور ڳالهيون ٿي رهيون آهي، چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني جي گهرواري ڳالهين کي ليڊ ڪري رهي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ غنڊا گردي ڪري ڏٺي، ڪو فائدو نه ٿيو، پي ٽي آءِ باني کي ڪيترائي ڀيرا چيو ته توهان جا ساٿي نه رڳو توهان کي قيد ۾ رکڻ چاهين ٿا پر مارائڻ چاهين ٿا.
سندس چوڻ هو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي ضرور سزا ملندي، پي ٽي آءِ کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ملندو، اهو واضح آهي ته نه ٻاهريون دٻاءُ آهي ۽ نه بيڪ ڊور ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
فيصل واوڊا چيو ته مقبول هجڻ جو مطلب قانون کان مٿانهون هجڻ ناهي، ڳالهين جو سڀ کان وڏو حامي آهيان، جمهوريت جو حسن ئي ڳالهيون آهن، ڳالهين ۾ بي ايماني نه ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني کي ڪو ايگزيڪيوٽو آرڊر نه ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.