طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجهن: ملاله يوسفزئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نوبل انعام يافتا ملاله يوسفزئي چيو آهي ته طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجهن، انهن هڪ ڏهاڪي کان عورتن کي تعليم کان محروم رکيو آهي.
مسلم معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم، موقعن ۽ چيلينجن جي عنوان تي عالمي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ملاله يوسفزئي چيو ته پاڪستان مان مون پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ منهنجي دل سدائين پاڪستان ۾ رهندي آهي، دنيا ۾ 120 ملين ڇوڪريون اسڪول نٿيون وڃن، جڏهن ته پاڪستان ۾ 12.5 ملين ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن.
هن چيو ته غزا ۾ اسرائيل سڄي تعليمي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو، غزا ۾ اسرائيل اسڪولن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، غزا ۾ 90 سيڪڙو يونيورسٽيون به تباهه ٿي چڪيون آهن، هڪ فلسطيني ڇوڪري پنهنجو مستقبل نٿي ٺاهي سگهي، جيڪڏهن هوءَ اسڪول نٿي وڃي سگهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان افغان ڇوڪرين جي تعليم جي ڳالهه نه ڪيون ته هن ڪانفرنس جو مقصد مڪمل نٿو ٿي سگهي، هڪ ڏهاڪي کان طالبان عورتن کان تعليم جو حق کسيو آهي، طالبان عورتن جي حق کسڻ لاءِ 100 کان وڌيڪ قانون سازيون ڪيون آهن، طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.