راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر صاحبزادا حامد رضا چيو آهي ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي 31 جنوري تائين اڻ ڌري عدالتي ڪميشن نه ٺهي ته ڳالهين جو عمل اڳتي نه وڌي سگھندو، هاڻي بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي، اسان کي جيتري لچڪ ڏيکارڻي هئي ڏيکاري چڪاسين.
پي ٽي آءِ باني عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان گفتگو ڪندي صاحبزادا حامد رضا چيو ته ٻي ڌر ايندڙ ميٽنگ ۾ جڊيشل ڪميشن جي حوالي سان تياري ڪري اچي، هڪ اهڙي اڻ ڌري ڪميشن ٺهڻ گهرجي، جيڪا ذميوارن جو تعين ڪري سگھي، اس ڪميشن ۾ اسان پنهنجي مرضي جا جج نٿا چاهيون پر سپريم ڪورٽ جي سڀ کان سينيئر ججن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جيڪي انهن ٻنهي واقعن جي جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪري سگهن.
هن چيو ته اسان ڳالهين جي ٽئين دور لاءِ تيار آهيون، جنهن لاءِ ٻي ڌر ڪميشن جي قيام بابت ڪم ڪري اچي، ايترا ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين ڳالهين ۾ ڪنهن قسم جي اڳڀرائي نه ٿي آهي، ڪميشن جو قيام ۽ قيدين جي آزادي اسان جا پهريان ٻه مطالبا آهن، اهي ٻئي مطالبا اسان لکت ۾ فراهم ڪري ڏينداسين، ڳالهين جي ٽئين دور ۾ عملي قدم کنيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته باني ڪنهن ايگزيڪيوٽو آرڊر سان نه پر قانوني طريقي سان ٻاهر ايندو، 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملڪ جي نيڪ نامي جو سبب نه بڻجندو، ان ريفرنس ۾ خان ۽ سندس گهرواري سميت ڪو به فيملي ميمبر بينيفشري ناهي، 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٿيڻ کان پوءِ ڳالهين جي عمل ۾ اسان جي روين ۾ سختي ايندي.
31 جنوري تائين عدالتي ڪميشن نه ٺهي ته ڳالهيون نه هلي سگهنديون: پي ٽي آءِ ڪميٽي
You might also like