لاس اينجلس ۾ تاريخ جي بدترين باهه تي ضابطو نه آيو، فوتين جو انگ 16 ٿي ويو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ اڱاري کان لڳل تاريخ جي بدترين باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب باهه سبب 12 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ عمارتون رک ٿي ويون، جڏهن ته 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته باهه سبب 16 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن، 13 ڄڻا اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.
لاس اينجلس ڪائونٽي ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، تيز هوائن سبب باهه وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، جنهن تحت ريڊ فليگ وارننگ جاري ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.