بري خبر، پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿيندو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب 16 جنوري کان پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب امڪاني واڌ جو سبب ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافو آهي، جيڪو سپلاءِ ۾ رنڊڪ ۽ توانائي جي طلب ۾ واڌ جي خدشن سبب تقريبن 3 هفتن جي بلند ترين سطح تي آهي.
تيل اگهن ۾ تبديلي سبب 16 جنوري کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا في ليٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.
ناڻي واري وزارت وزيراعظم شهباز شريف سان مشاورت کانپوءِ اگهن بابت حتمي اعلان ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.