شادي جو ارادو ناهي، آزادي جا مزا ماڻي رهي آهيان: نوال سعيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) مشهور اداڪارا نوال سعيد جو چوڻ آهي ته في الحال شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي ۽ هوءَ غير شادي شده زندگي جي آزادي مان لطف اندوز ٿي رهي آهي.
نوال سعيد تازو ئي هڪ شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن مختلف موضوعن تي دل کولي ڳالهايو.
پروگرام دوران هن ٻڌايو ته سندس پيدائش ۽ پرورش ڪراچي ۾ ٿي، جڏهن ته سندس والد موسيقي سان دلچسپي رکندو هو پر پاڻ ڪاروباري شخصيت آهي.
نوال جو چوڻ هو ته والد جي موسيقي واري شوق سبب هن شروعات ۾ ڳائڻي ۽ موسيقار طور تربيت حاصل ڪئي پر پوءِ اهي سرگرميون جاري نه رکي سگهي.
اداڪارا ٻڌايو ته سندس ٻه ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ آهي، سندس ڀاءُ عمر ۾ تمام ننڍو آهي ۽ هو پڻ هڪ سٺو گٽارسٽ آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ نوال سعيد ٻڌايو ته موسيقي واري ڪيريئر کي اڳتي نه وٺي وڃڻ بعد هن هڪ ايجنسي ۾ اشتهارن لاءِ آڊيشن ڏنو، جتي چونڊجڻ بعد ماڊلنگ شروع ڪئي ۽ پوءِ اداڪاري ۾ قدم رکيو.
پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن شوٽنگ دوران ساٿي اداڪار سان محبت ٿيڻ واري واقعي تي به روشني وڌي.
نوال سعيد جو چوڻ هو ته رومانوي ڊرامي جي شوٽنگ دوران نه رڳو هن پر ساٿي اداڪار کي به ساڻس محبت ٿي وئي هئي.
هن چيو ته اهڙا واقعا ڪڏهن ڪڏهن عام هوندا آهن، پر ان واقعي بعد هن ماضي کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ ساٿي اداڪار سان نه رابطو رکيو ۽ نه ئي وري گڏ ڪم ڪيو.
نوال واضح ڪيو ته هوءَ ان اداڪار جو نالو ظاهر نٿي ڪري سگهي.
شادي بابت پڇيل سوال تي اداڪارا چيو ته في الحال سندس شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.
نوال سعيد جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي غير شادي شده زندگي مان لطف اندوز ٿي رهي آهي ۽ شادي جو فيصلو خاندان تي ڇڏي ڏنو آهي.
هن چيو ته جڏهن به هوءَ شادي ڪندي، ته پهرين پنهنجي مداحن ۽ عوام کي آگاهه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.