”ڪوئي نه روئي“ جوڙي شادي جي 26هين سالگرهه جو جشن ملهائي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڀارت جي شهر ناگپور ۾ جيرل مونڪرپ عرف ٽوني ۽ سندس گهرواري ايني جيرل پنهنجي شادي جي 26هين سالگرهه جي موقعي تي آپگهات ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي آخري پيغام ۾ چيو ته ڪير به نه روئي.
54 ورهين جي ٽوني ۽ 45 ورهين جي ايني شادي جو جوڙو پائي پنهنجي شادي جي 26هين سالگرهه جو جشن ملهائي پنهنجي مٽن مائٽن لاءِ آخري وڊيو ٺاهي ۽ ان کي پنهنجي واٽس ايپ اسٽيٽس تي پوسٽ ڪري ڇڏيو، پوءِ ٻنهي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
آپگهات جي هڪ نوٽ سان گڏ پوليس کي گهر مان اسٽامپ پيپر ۽ 75 هزار رپيا به هٿ آيا، خط ۾ ٻڌايو ويو ته جوڙي پنهنجي آخري رسمن لاءِ 75 هزار رپيا رکيا هئا.
شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ٽوني ۽ ايني ٻئي ڊپريشن جو شڪار هئا، صحت جي مسئلن سبب ايني جي ڏيڍ سال اڳ سرجري ڪري بيضا داني ڪڍي وئي هئي، ان کانپوءِ سندس طبعيت ٺيڪ نه هئي.
پوليس موجب ڪجهه سال اڳ تائين ٽوني هڪ هوٽل ۾ ملازمت ڪندو هو پر ڪجهه عرصي کان هو بيروزگار ٿي ويو هو.
پوليس چيو تو واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.