دبئي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ٽام موڊي پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان کي ” ناياب رانديگر “ قرار ڏئي ڇڏيو.
ٽام موڊي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيزرٽ وائپرز لاءِ ڪرڪيٽ ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، جتي هن قومي ڪرڪيٽر اعظم خان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي.
هڪ انٽرويو دوران موڊي چيو ته اعظم خان هن سيزن ۾ ڊيزرٽ وائپرز لاءِ حقيقي اثاثو ثابت ٿيندو، اسان سڀ ڄاڻو ٿا ته هو ڇا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هن چيو ته هو ٽيم جي ناياب رانديگرن منجهان هڪ آهي جيڪي پهرئين بال تي ئي بال کي بائونڊري لائين پار پهچائي سگهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته مختصر فارميٽ ۾ اهڙي قسم جي رانديگرن جو هجڻ حقيقي بونس آهي، يقين آهي ته هو ٽيم لاءِ بهتر ثابت ٿيندو.
ٽام موڊي محمد عامر جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته عامر هڪ شاندار بالر آهي هو گذريل سال به اسان سان گڏ هو، سندس قابليت کان چڱي ريت وافف آهيون.
واضح رهي ته اعظم خان آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي جي جاري سيزن ۾ هم وطن فخر زمان ۽ محمد عامر سان گڏ ڊيزرٽ وائپرز جي اسڪواڊ جو حصو آهي.
Next Post
You might also like