اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر چيو آهي ته اسان کي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ سماجي روين کي چيلينج ڪرڻو پوندو.
مسلم معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان آرمي جي پهرين خاتون ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر چيو ته تعليم جو موضوع منهنجي دل جي ويجهو آهي، پڙهيل ڇوڪريون ترقي جون ضامن آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي.
هن چيو ته عورتن جي تعليم جي حوالي سان چيلينجز ضرور آهن پر موجود موقعن مان فائدو وٺڻ گهرجي، نيشنل پاليسي ۽ بجيٽ ۾ عورتن جي تعليم لاءِ قدم جوڙڻ گهرجن، عورتن جي تعليم جي حوالي سان معاشري ۾ آگاھي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اڄ جي پڙهيل عورت معاشري ۾ ڪردار ادا ڪندي.
سندس چوڻ هو ته مان اهڙي سماج ۾ پلي آهيان، جتي صنفي فرق عام هو، ڇوڪرين جي تعليم کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو هو، تعليم منهنجي زندگي ۾ انقلاب آندو ۽ مان اڄ انهي مقام تي آهيان، جتي ملڪ جي خدمت ڪري رهي آهيان.
ليفٽيننٽ نگار جوهر چيو ته مان اهڙا علائقا به ڏٺا جتي گرلز اسڪولن کي تباهه ڪيو ويو ۽ ڇوڪرين کي زبردستي تعليم کان محروم ڪيو ويو، انهن بهادر ڇوڪرين کي به ڏٺو، جن پنهنجي تعليم جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ معاشرتي روين کي چيلينج ڪرڻو پوندو، فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ ڇوڪرين جي شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو.
You might also like