اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ بيرسٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چئي ٿو مان ڊيل يا رليف نه وٺندس، عدالتي جنگ وڙهندس.
هڪ بيان ۾ بيرسٽر علي ظفر چيو ته هن وقت ملڪ اونداهي ۾ آهي، جمهوريت ناهي، حڪومت ظاهري طور ڳالهيون ڪري رهي آهي پر اها ڏسي ڪنهن ٻئي ڏانهن رهي آهي.
هن چيو پي ٽي آءِ ۾ اڄ به هڪ گروپ آهي، جيڪو چئي ٿو مزاحمت ڪيو، اسان اونداهي کي اونداهي سان نه روشني سان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته اسان کي چونڊ سڌارن، اليڪشن ڪمشنر جي تبديلي ۽ آئيني بينچ جي خاتمي تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.
You might also like