ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا رِيا سين، جن پنهنجي خوبصورتي ۽ اداڪاري سان مداحن جون دليون کٽيون، هڪ ويڊيو اسڪينڊل کانپوءِ فلم انڊسٽري کان پري ٿي وئي.
ريا سين ننڍي عمر ۾ اداڪاري جي شعبي ۾ قدم رکيو ۽ بالي ووڊ سان گڏوگڏ بنگالي، تيلگو ۽ تامل فلمن ۾ پڻ پنهنجا جوهر ڏيکاريا، پر 2005ع ۾ هڪ مبينا ايم ايم ايس اسڪينڊل سندس ڪيريئر کي سخت نقصان پهچايو.
اِهو ويڊيو، جنهن ۾ سندس نالو اداڪار اشمِت پٽيل سان ڳنڍيو ويو، انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويو.
رِيا کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو ۽ سندس باري ۾ اهي افواهون گردش ڪرڻ لڳا ته شايد مشهور ٿيڻ لاءِ هن پاڻ وڊيو ليڪ ڪئي هئي.
ان اسڪينڊل باوجود ريا سين پنهنجي ذهني صحت کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو. هن سوشل ميڊيا جو سهارو وٺي پنهنجي دلڪش تصويرن ذريعي مداحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
اڄ ريا زندگيءَ جون چاليهه بهارون ماڻي چڪي آهي ۽ پنهنجي خوبصورتي ۽ جوان نظر اچڻ سبب خبرن ۾ رهندي آهي.
ريا جو نالو بالي ووڊ جي ڪيترن ئي مشهور شخصيتن سان جوڙيو ويو، سندس اداڪار اڪشي کنا، تڪراري ليکڪ سلمان رشدي ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر شري سانت سان رومانوي لاڳاپا رهيا.
You might also like