عمران خان جيل، پي ٽي آءِ تي ڪنهن جو قبضو؟ ڪير ڪٿان معاملا ڏسي رهيو آهي؟

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ قيد ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ کي ڪير ۽ ڪٿان هلائي رهيو آهي؟ ان حوالي سان عليمه خان اهم انڪشاف ڪيو آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو ته سڄي قوم عمران خان سان گڏ آهي، جنهن نموني هن ڏيڍ سال جيل ۾ ڪيسن جو مقابلو ڪيو، اهڙي طرح هو اڳتي به مقابلو ڪندو، عمران خان ڪو به معاهدو نه ڪندو ۽ جيل مان سرخرو ٿي نڪرندو.
هن چيو ته پنهنجا ئي ماڻهو سلمان اڪرم جي پويان پئجي ويا آهن، سلمان اڪرم راجا اهو ئي ڪندو جيڪو عمران خان کيس چوندو آهي، عمران خان کيس پاڻ ٻڌائيندو آهي ته سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڇا ڪرڻو آهي.
عليمه خان چيو ته رانا ثناءُ الله پي ٽي آءِ تي قبضو ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 8 فيبروري کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن جي قبضي ۾ ناهي، عمران خان جيل مان ان کي هلائي رهيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.