مِينهن وسائڻ وارو سسٽم ملڪ ۾ ڪڏهن داخل ٿيندو؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾مِينهن وسائڻ وارو سسٽم ڪڏهن دخل ٿيندو ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي سامهون آئي آهي.
موسميات کاتي موجب، لاھور سميت پنجاب ۾ خشڪ موسم جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته اڄ صوبي جي ميداني علائقن ۾ شديد ڪوهيڙو ڇانيل.
صوبي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي شديد ڪوهيڙي سبب حد نگاهه 50 ميٽر تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اڄ لاھور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌ کان وڌ 17 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ملڪ مِينهن وسائڻ وارو سسٽم 14 جنوري تي داخل ٿيندو. ڪڪرن جو اِهو سسٽم برسات جو سبب بڻجندو ۽ ڪوهيڙي جي شدت گهٽجي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.