ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ٻاهران سنڌو انڊس لائرز فورم پاران سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وڪيل عاقب راجپر جي اڳواڻي ۾ ٿيل هن احتجاج ۾ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، قاسم مهيسر، ارشد شر، خواجه نويد، حسيب، عامر دايو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مان ڇهن ڪئنالن کي ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي. انهن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مظاهرين چيو ته پاڻي جو مسئلو سنڌ واسين جي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جو معاملو آهي، ۽ جيڪڏهن فيصلو واپس نه ورتو ويو ته حڪمرانن جي گهراءُ ڪيو ويندو.