ميرپورخاص(بيورورپورٽ) پيپلزپارٽي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي منافقت ڪري رهي آهي، اهو ڪٿي جو قانون آهي ته پنجاب جي لکين ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ آباد زمين کي بنجر بڻايو وڃي؟ سنڌ کي اڳ ئي سندس حصي جو پاڻي نه پيو ملي ان منصوبي خلاف شروع ڪيل بيداري مارچ 11 جنوري تي ميرپورخاص پهچندو ۽ 12 جنوري عمرڪوٽ پهچندو اهڙو اظهار سنڌو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن صفدر عباسي، روشن ٻرڙو، مبارڪ مهر، ڄام ميمڻ ۽ ٻين راجا هائوس ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هنن چيو ته اسان کي ڪوڙ ٻڌايو وڃي ٿو ته ملڪ جي دريائن ۾ 114 ايم ايم ايف پاڻي آهي پر انگ اکرن موجب ملڪ ۾ 102 ايم ايم ايف پاڻي آهي جڏهن ملڪ ۾ واڌو پاڻي آهي ئي نه ته پوءِ نوان ڪينال ڇو پيا ٺاهيا وڃن .