بلاول سان پ پ اڳواڻن جون ملاقاتون، سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڪالھ  بلاول هائوس ۾  مختلف پ پ اڳواڻن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  زرداري سان پ پ بلوچستان جي سينيئر اڳواڻ اقبال شاهه بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي بلوچستان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.جڏھن ته بلاول ڀٽو زرداري سان قومي اسيمبلي جي ميمبر مير شبير خان بجاراڻي ڪشمور جي عوام جي مسئلن ۽ انهن جي حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ايم پي اي امداد پتافي ٽنڊوالهيار جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، بلاول سان ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب پڻ بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي هن شهرين جي ڀلائي بابت ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي قدمن کان کيس آگاهه ڪيو،مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني پڻ بلاول هائوس ۾  پارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جي نالي سان ملير ايڪسپريس وي سميت ڪراچي ۾ جاري اهم ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني.پ پ بلوچستان جي اڳوڻي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر حيات خان اچڪزئي پڻ بلاول سان ملاقات ڪئي، جڏھن ته بلاول ڀٽو زرداري سان اسيمبلي ميمبرن شازيه مري، نويد قمر، طارق شاهه ڄاموٽ ۽ بئريسٽر ضمير گهمرو پڻ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي حڪومت سان ڳالهين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.