انٽرنيٽ جي بندش: عالمي ڪمپنين پاران آپريشنز جي پرڏيهه منتقلي شروع

اسلام آباد/ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سستي ۽ خلل سبب آئي ٽي انڊسٽري کي وڏو ڌڪ رسيو آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ عالمي ڪمپنين پنهنجا مختلف آپريشنز ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ايڪسپورٽ جي واڌ رڳو 34 سيڪڙو بچي آهي. پاڪستان ۾ سست انٽرنيٽ سبب واٽس ايپ پنهنجي سيشن سرور جي  رائوٽنگ کي پاڪستان کان ٻاهر منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي اي تصديق ڪندي چيو ته واٽس اپ سي ڊي اين جي پرڏيهه منتقلي سان واهپيدارن کي رابطن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. پي ٽي اي دعويٰ ڪئي ته ملڪ ۾ فڪسڊ لائن ۽ موبائيل نيٽ ورڪ جي انٽرنيٽ ۾ بهتري آئي آهي، فڪسڊ لائن انٽرنيٽ هڪ مهيني ۾ ٻه درجا بهتر ٿي آهي. پي ٽي اي موجب پاڪستان فڪسڊ لائين انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 139 هين نمبر تي آهي، جتي موبائل نيٽ ورڪ ۾ 3 درجا بهتري آئي آهي، جڏهن ته موبائل نيٽ ورڪ ۾ پاڪستان 97 هين نمبر تي آهي. سال 2024 انٽرنيٽ جي رفتار جي حوالي سان بدترين سال رهيو، جنهن ۾ سب ميرين ڪيبل ۾ خرابين جا 4 وڏا واقعا پيش آيا، جنهن سبب واهپيدارن کي 1750 ڪيگا بائيٽس في سيڪنڊ انٽرنيٽ گهٽ ملي جڏهن ته فائر وال ۽ ويب مئنيجمينٽ سسٽم پڻ ان مسئلي کي وڌايو. نيٽ سروس فراهم ڪندڙن موجب نيٽ جي هڪ ڪلاڪ جي بندش جو مطلب آهي 9 لک ڊالر جو ڌچڪو، هڪ ڏينهن جي رنڊڪ جي قيمت سوا ڪروڙ ڊالر ڀوڳڻي پوي ٿي. سال 2021 ۾ ايڪسپورٽ گروٿ 47 سيڪڙو هئي جيڪا گذريل سال رڳو 24 سيڪڙو بچي. ٻئي طرف آءِ ٽي ايڪسپرٽ نگهت داد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن انٽرنيٽ جي سستي واري صورتحال برقرار رهي ته وڌيڪ آئي ٽي ڪمپنيون منتقل ٿيڻ جو خدشو آهي. ٻئي طرف سست انٽرنيٽ سبب آن لائين ڪاروبار به متاثر ٿي رهيو آهي، انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب آن لائين ٽيڪسي سروس ۽ ٻيون رائيڊر سروسز به خراب نموني متاثر ٿي رهيون آهن. ان ڪاروبار سان وابسته ماڻهو پريشان آهن. ياد رهي ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) انٽرنيٽ جي سستي جي حوالي سان جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، ٽيلي ڪميونيڪيشن آپريٽرن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. پي ٽي اي جو چوڻ هو ته وي پي اينز جي وڌندڙ استعمال بينڊوڊٿ تي واڌو بار وڌو آهي، انٽرنيٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ بينڊوڊٿ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) چيو آهي ته انٽرنيٽ جي سست رفتاري يا انڊر سي سب ميرين ڪيبل ’ايشيا آفريڪا يورپ ون‘ (AAE-1) جي مرمت لاءِ ڪو به ٽائيم فريم نه ٿو ڏئي سگهجي.پي ٽي سي ايل جي ترجمان عامر پاشا جو چوڻ آهي ته سست رفتاري کي منهن ڏيڻ لاءِ پي ٽي سي ايل اضافي بينڊوڊٿ جو بندوبست ڪيو آهي،جنهن سان انٽرنيٽ جي سستي جو مسئلو ڪجهه حد تائين حل ٿي ويو آهي،جڏهن ته  ٽيليڪام آپريٽرز جو چوڻ آهي ته ڪجهه صارف شايد ميٽا جي ملڪيت واري خدمتن جهڙوڪ واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي سست رفتاري کي منهن ڏئي سگهن ٿا، خاص طور تي رش وارن ڪلاڪن ۾ اهي ايپليڪشنز سست ٿي سگهن ٿيون، بيان ۾ چيو ويو ته اسان کي اميد آهي ته اهو مسئلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل طور تي حل ڪيو ويندو،پي ٽي سي ايل جي ٽيڪنيڪل اسٽاف جو چوڻ آهي ته ان نوعيت جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ 2 کان 3 مهينا لڳندا آهن، پر پي ٽي سي ايل جي ترجمان ان دعويٰ تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 10 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.