”بيگمون“به بشريٰ بي بي جون مريدياڻيون، عمران لاءِ سفارشي بڻجي ويون

اسلام آباد (عمران شفقت) بشريٰ بي بي پهرين ڏينهن کان عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهي جنهن ۾ هڪ فرد رڪاوٽ آهي نه ته فوجين جون  گهرواريون جيڪي بشريٰ بي بي جون معتقد آهن انهن مان  جنرل(ر) آصف غفور جي بيگم خاص مريد ياڻي آهي. سو هن هر طرف کان دٻاءُ وڌو گرفتاري کان اڳ اسلام آباد ۾ ويهي رهي ٻاهران چينل استعمال ڪيا. سو بشريٰ بي بي جي آزادي لاءِ جيڪي  ڪردار ادا  ڪندڙ آهن اهي رياستي ادارن اندر به ساڻس رابطي ۾ هوندا، هوءَ جنهن جنهن چينل وسيلي عاصم منير تائين پهتي اتان کيس انڪار ئي مليو، عمران ٽوئٽ  ۾ ساڳيا ئي پراڻا ڪوڙ ورجايا آهن ۽ لاپتا ماڻهن جو معاملو کنيو آهي ته ڪارڪن لاپتا آهن، ٻئي پاسي فوجي عدالتن بابت سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ جج انتهائي  اهم اعتراض ۽ نڪتا اٿاري رهيا آهن لڳي ٿو ته  سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي غير آئيني قرار ڏيندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 10 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.