ڀارت مخالف سک اڳواڻ جي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد

سکن جي تنظيم ”سکس فار جسٽس“ جي جنرل ڪائونسلر گورپتونت سنگهه وزيراعظم شهباز شريف کي سيڪيورٽي ڪائونسل جو غير مستقل رڪن چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.
گورپتونت سنگهه وزيراعظم شهباز شريف کي خط ذريعي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ غير مستقل ميمبر طور چونڊ کي اهم ڪاميابي قرار ڏنو.
خط ۾ سکس فار جسٽس طرفان سکن جي حقن لاءِ حمايت ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ عالمي سطح تي ان جي مقصد کي انساني حقن جي ايجنڊا جي حصي طور تسليم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
گورپتونت سنگهه چيو ته پاڪستان جي اها ڪاميابي امن، انصاف ۽ يو اين چارٽر جي اصولن لاءِ ان جي پختي لڳاءَ جي عڪاسي ڪري ٿي، پاڪستان جي اها ڪاميابي عالمي سياست ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪا ان جي سيڪيورٽي ۽ عالمي سطح جي سهڪار جي عزم کي اجاڳر ڪري ٿي.
هن ڪشميرين جي حقن لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جو ان حوالي سان موقف سکن جي خالصتان خاطر جمهوري جدوجهد لاءِ هڪ مثال بڻجي سگهي ٿو، سکن جي حقن جي جدوجهد جي حمايت تي غور ڪيو، پاڪستاني قيادت سلامتي ڪائونسل ۾ اهم ٺهرائن جي منظوري لاءِ امڪاني رستا کولي سگهي ٿي.
گورپتونت سنگهه چيو هي خط ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته آزادي پسند تنظيم سکس فار جسٽس پاڪستان جي عالمي حيثيت ۾ بهتري ۽ ان جي عالمي مسئلن تي اثرانداز ٿيڻ جي اهميت کي سمجهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.