” پاڪستانين جون شاديون ڏسي لڳي ٿو هي ملڪ آمريڪا ۽ جپان کي قرض ڏيندو آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار خالد انعم ملڪ ۾ ٿيندڙ شاهاڻن شادين بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
اداڪارخالد انعم ملڪ جي موجودا حالتن ۽ سماجي مسئلن بابت اڪثر سوشل ميڊيا تي دلچسپ اندز ۾ تبصرا ڪندو آهي، جنهن کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڀرپور موٽ پڻ ڏني ويندي آهي.
خالد انعم تازو انسٽاگرام تي پاڪستان جي معاشي صورتحال جي ابتڙ شهرين جي حالتن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ شادين تي پاڻي وانگر پئسو وهائڻ تي ٺٺول ڪئي.
اداڪارا لکيو ته پاڪستانين جون شاديون، شاپنگ مالز ۽ ريسٽورينٽ ڏسي لڳي ٿو ته هي ملڪ آمريڪا، جرمني ۽ جپان کي قرض ڏيندو آهي.
خالد انعم چيو ته پاڪستان ۾ هر ماڻهو پنهنجي چادر کان ٻه سئو فٽ ٻاهر آهي.
هڪ ٻي انسٽا پوسٽ ۾ هن زندگيءَ کي سادو ۽ آسان بڻائن لاءِ هڪ اهم مشورو پڻ ڏنو آهي.
خالد انعم پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته پئسو ايترو ڪمايو جو جڏهن اوهان بيمار ٿيو ته ٻار ڊاڪٽر کي سڏائين وڪيل کي نه.
سوشل ميڊيا واهپيدار اداڪار جي خيالن سان متفق نظر آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.